لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) باقراڻي جي ڳوٺ بنگل ابڙو جي رهواسي پورھيت عبدالستار ابڙو، ٺار محمد، حاجران، حبيبا لاڙڪاڻو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي چيو ته 20 مئي تي مامي اڌل ابڙو جي ذهني معذور گهرواري راڻي ابڙو خودڪشي ڪئي، عورت  جي ڀاءُ خادم ابڙو سياسي مخالفن جي چرچ تي مامي اڌل ابڙو، قابل ابڙو، امداد، ساجن ابڙو، اڪبر سميت 5 ڄڻن مٿان باقراڻي ٿاڻي تي قتل ڪيس داخل ڪرايو، پوليس قابل ابڙو کي گرفتار ڪري جيل اماڻي ڇڏيو آهي. پوليس چڙهائي ڪري اسان جا چار ڍور پڻ ڪاهي وئي آهي، جاچ ڪرائي ڪوڙو ڪيس ختم ڪرائي جند آجي ڪرائي وڃي.