لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ قمبر جي ڳوٺ راهوجو آئيٽو جي رهواسڻ مائي جنت خاتون چانڊيو پنهنجي پٽن اسماعيل، مراد ۽ معصوم ڌيءَ سويره سان گڏجي دانهيندي چيو ته سردار چانڊيو پنهنجي ڀائرن قربان، احمد علي چانڊيو، سئوٽن بخشل ۽ حسين چانڊيو سان گڏجي گوليون هڻي منهنجي ڌنار پٽ 13 سال جي محمد رفيق چانڊيو کي قتل ۽ 15 سال جي ڪريم بخش چانڊيو کي زخمي ڪيو.هن چيو ته ڪريم بخش چانڊيو اسپتال ۾ زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهيو آهي.پوليس قاتلن کي گرفتار ناهي ڪيو،جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.پٽ جي قاتلن کي گرفتار ڪري سندس خون سان انصاف ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.