لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا، شيون مارڪيٽ مان غائب ٿي ويون آهن، جڏهن ته منافعي خور واپارين اٽي جو هٿرادو بحران پيدا ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته کاڄرو تيل، ۽ گيهه، دال، ٿوم، چانورن، اٽو، آنن سميت ٻيون شيون به مهانگي ريٽ تي وڪڻي رهيا آهن، هوڏانهن سبزيون جن ۾ ٽماٽو 180 رپيا في ڪلو، بهيه 110في ڪلو ، واڱڻ 80، پٽاٽو 70،بصر 80، پالڪ 80 ،توري 90، ڀينڊي 130، ڪريلا 150،بيھه 100 رپيا في ڪلو هجڻ بدران  هر هڪ شي تي 30 کان 60 رپين تائين واڌو اگهه تي وڪرو ڪئي پئي وڃي. ان حوالي سان شهرين واجد شيخ، محرم علي شيخ، سڌير احمد ڪنڀر ۽ ٻين دانيهندي چيو ته مهانگائي سبب سخت پريشان آهيون، انتظاميا منافعي خورن خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي، نوٽيس وٺي مهانگائي ختم ڪري رليف فراهم ڪيو وڃي.