لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد ميراڻي محلا مان 3 اڳ چوري ٿيل ڊاٽسن واپس نه ٿيڻ ۽ بدامني خلاف   ميراڻي برادري طرفان پراڻي بس اسٽينڊ پل روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو،ان موقعي تي اظهار ميراڻي، نثار ميراڻي، عرفان لاشاري ۽ ٻين دانهيندي چيو ته پوليس جي لاپرواهي سبب شهر ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي،   3 ڏينهن اڳ در کان چوري ٿي ويل ڊاٽسن جي واپسي لاءِ وليد پوليس 24 ڪلاڪن جو ٽائيم ڏنو پر هن وقت تائين واپس ناهي ڪرائي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري شهر ۾ امن قائم ڪرايو وڃي،.