لاڙڪاڻو( رپورٽ: نادر ابڙو ) لاڙڪاڻي جي سول لائين ٿاڻي جي حد امروٽي مسجد ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ حجامڪو دڪان هلائيندڙ ٻن ٻارن جو پيءُ الطاف پٽ منظور گاد ٿڏي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته بئنڪ اسڪوائر واسي واٽهڙو محمد فاروق قريشي سخت زخمي ٿي پيو، پوليس لاش ۽ زخمي کي چانڊڪا اسپتال آندو. يوسف گاد رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته حفيظ الرحمٰن ڪيهر قتل ڪيس ۾ عدالت ۾ پڪي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي، فريادي ڌر جو وڪيل پيش نه ٿيو،گهر وڃي رهيا هئاسين ته لالو ڪيهر پنهنجي ڀاءُ غني، مائٽن منظور ۽ مشتاق ڪيهر سان گڏجي فائرنگ ڪئي ڀاءُ الطاف گاد قتل ۽ هڪ واٽهڙو زخمي ٿي پيو آهي.پوليس موجب واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آهي. مقتول ۽ جوابدار ڌر جو پاڻ ۾ سڱابندي به ٿيل آهي. جوابدارن کي جلد گرفتار ڪبو. هوڏانهن پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.