لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ سپلا پاران مرڪزي اڳواڻ پروفيسر لال بخش ڪلھوڙو، ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر پروفيسر ملھار سنڌي، ضلعي قمبرشھدادڪوٽ جي صدر غازي عبدالجبار جوڻيجو، جنرل سيڪريٽري پروفيسر شھاب الدين مگڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.اڳواڻن جو چوڻ هو ته بائيو ميٽرڪ مشينن جي خريداري ۾ ٿيل ڪرپشن ۽ بائيو ميٽرڪ ذريعي حاضري جي آڙ ۾ استادن جي توھين ۽ تذليل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته ڊي جي آفيس ۾ ويٺل نام نھاد آفيسرن کي ھٽائي کين ڪاليجن ۾ مقرر ڪيو وڃي.هنن چيو ته حيدرآباد سميت سڄي سنڌ جي مختلف ڪاليجن مان اسسٽنٽ پروفيسر طور پروموٽ ٿيل استادن کي زبردستي رليو ڪرڻ ۽ سندن نالا غير قانوني طور تي اي پورٽل مان ھٽائڻ آرڊي آفيسن ۽ سيڪريٽريٽ ۾ رشوت جي بازار گرم ھجڻ خلاف سپلا مرڪز پاران شروع ڪيل احتجاجي تحريڪ مطالبن جي مڃتا تائين جاري رھندي.سپلا اڳواڻن چيو ته سنڌ جي ٽي سئو چاليھ ڪاليجن کان به وڌيڪ ڪاليجن جي پرنسپال مبينا بدلين جي خوف ۽ دٻاءَ جي نتيجي ۾ ھڪ مخصوص ڊيلر کان ڪروڙين روپين جي ماليت جون بايو ميٽرڪ مشينون خريد ڪرايون ويون ڇا انھن جو ڪوئي ٽينڊر ڏنو ويو ھو؟ ان سلسلي ۾ پيپرا ۽ سيپرا جي قانونن کي ڇو نظر انداز ڪيو ويو آھي؟ جنھن ڪمپني کان مشينون خريد ڪيون ويون ڇا اھڙي ڪمپني موجود به آھي؟ اھا ڪمپني رجسٽر ڪڏھن ٿي؟ ان جا ڪرتا ڌرتا ڪير آھن؟ ان ڪمپني جي ادا ڪيل ٽيڪسز جو تفصيل ڇا آھي؟ انھن سڀني معاملن تي تحقيقاتي ڪاميٽي مقرر ڪرڻ جي گھر ڪريون ٿا. سپلا اڳواڻن اختيارين کان ڪرپشن ختم ڪرڻ ۽ مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رکڻ پڻ ورجايو.