لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) نامياري اديب، ڊرامه نويس ۽ نقاد قدير شيخ جي وڇوڙي تي سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي شاخ طرفان تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. ان موقعي تي ممتاز مراد چيو ته قدير شيخ سڀ کي محبت ڏيندڙ ماڻهو ۽ هڪ برجستو اديب هئڻ سان گڏ سچي ۽ کري راءِ ڏيندڙ نقاد هو، جيڪو پاڻ به ڪتابن جو ڀرپور مطالعو ڪندو هو ۽ ٻين دوستن کي به مطالعي لاءِ اتساهيندو هو.