لاڙڪاڻي ۾ ساريالو فصل تيار، قمبر شهدادڪوٽ ۾ پوکائي نه ٿي، آبادگارن جا مٿي تي هٿ

0
581

لاڙڪاڻو (رپورٽ نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ساريالو فصل تيار ٿي ويو، هارين کي مناسب اگهه نه ملي سگهيو، قمبر شھداد ڪوٽ ضلعي جي ڪيترن ئي علائقن وارھ، قبو سعيد خان، نصير آباد، گاجي کهاوڙ ۾ ساريالو فصل پوکجي نه سگهيو، قمبر شھداڪوٽ ضلعي ۾ فصل نه ٿيڻ ڪري ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي، جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ ساريالو فصل لهڻ جي شروعات ۾ ھارين ۽ آبادگارن اگهه نه ملي سگهيا جنهن ڪري هاري پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا .ان سلسلي ۾ ھاري اوشاق آگاڻي، چاڪر شاهاڻي، لياقت سانگي جو چوڻ ھو ته پاڻي ليٽ اچڻ ڪري ساريالو ٻيجارو ٽيوب ويلن تي مهانگي اگهه تي ڊيزل خريد ڪري ٻيجاري جي پوکائي ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ڀاڻ زرعي دوائون به ڳرن اگهن تي خريد ڪري ساريالي فصل ڪئي آھي، پر سرڪار سارين جو اگهه مقرر نه ڪيو آھي جنهن سبب هن سال لکين روپين جا قرضي ٿي وينداسين سنڌ سرڪار کي اپيل آھي ته بهتر اگهه مقرر ڪري اسانکي معاشي قتل عام کان بچايو وڃي.

هوڏانهن آبادگار بورڊ جي اڳواڻن عرفان جتوئي اظھر مهيسر عبدالوهاب چانڊيو سميت ٻين جو چوڻ آھي ته هن وقت سارين جو فصل اچڻ شروع ٿي ويو آھي پر سرڪار پاران اڃان تائين اگھ مقرر نه ڪيو آھي هن مهانگائي دور ۾ ڊي اي پي ڀاڻ جي ٻوري 65 سو روپيه هائبرڊ ٻج جي 5 ڪلو وارو بيگ 6 هزار جيت مار دوا جو بيگ 18 سو ٽريڪٽر جو في ڪلاڪ 11سو روپيه آھي انڪري سارين جو اگھ 2 هزار مقرر ڪري هاري ۽ آ باد گارن کي قرضي ٿيڻ کان بچايو وڃي هنن وڌيڪ چيو ته سيلرن وارا بدين ۽ سانگهڙ مان ساريون گهرائي 12 سو روپيه في مڻ خريد ڪن ٿا ۽ ڏيڍ ڪلو ڪٽ ڪئي پئي وڃي جيڪا سراسر نا انصافي آھي