لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي خدا آباد محلي مان 13 ورهين جي نينگري رمشا عرف سهڻي ميراڻي مبينا طور اغوا بعد بازياب ٿي وئي، ان سلسلي ۾ نينگري جي پيءُ طالب ۽ امڙ حسينا ٻڌايو ته ڪالھه منجهند جو سندن نياڻي پاڙي جي دڪان تان سامان وٺڻ وئي ته واپس نه موٽي، جنهن کان پوءِ اسين پاڙي ۽ مٽن مائٽن سميت مختلف هنڌن تي ڳولا ڪئي پر هٿ نه اچي سگهي، هوڏانهن ميڊيا تي خبرون اچڻ بعد نامعلوم ماڻهو نينگري کي گهر جي در تي فٽو ڪري فرار ٿيا ويا.