لاڙڪاڻي ۾ درگاهه محمد شاهه ڪهيري جي ميلي ۾پهلوانن زور آزمايو

0
284
لاڙڪاڻي ۾ درگاهه محمد شاهه

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ )لاڙڪاڻي ڀرسان عاقل ڳوٺ وٽ سنڌو درياهه جي ڪپ تي قائم درگاھ سائين محمد شاھ ڪهيري جو ميلو فقير رستم گاد ۽ فقير وحيد علي ميان پوٽو جي نگراني ۾ لڳايو ويو آهي، جڏهن ته ميلي ۾ مختلف کاڌي پيتي جي شين جا اسٽال لڳايا ويا آهن

ميلي ۾ 40 کان وڌيڪ ملهه پهلوانن زور آزمائي ڪئي، جنهن ۾ پهرين جوڙي جي ملهه پهلوان ڪرم الله کوکر، ديدار جمالي، شعبان شر، شبير شباڻي،عبدالله خالق کوکر، انور بلوچ،حفيظ سخيراڻ،مرتضيٰ مهر جڏهن ته ٻئي جوڙ نياز بروهي، مير ماڇي، نعيم شيدي، شريف ويس صاحب ڏنو شيخ، راجا شر ۽ ٻين ملهه پهلوانن پنهنجو حصو ورتو، جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ ملهه پهلوانن کي ڪيش انعام ڏنا ويا آهن.