لاڙڪاڻو( رپورٽ: نادر ابڙو ) لاڙڪاڻي جي دڙي ٿاڻي جي حد مراد واهڻ محلي ۾ 16 ورهين جي ناري مصرت وڪو کي بليڪ ميل ڪري لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ کان پوءِ ناري پٽ جي اولاد کي جنم ڏنو، ڪجهه ڏينهن اڳ ناري کي پيٽ جي تڪليف ٿي جنهن کان پوءِ طبي معائني ۾ ناري جي پيٽ ۾ ٻار جي تصديق ٿي ۽ ٻار جي پيدائش کان پوءِ ناري جي والد بهادر علي وڪو حد جي دڙي ٿاڻي تي پهچي هوٽل مالڪ ڪامران خروس خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، اهڙو ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ پوليس هوٽل مالڪ کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان ناري مصرت وڪو ٻڌايو ته ڪامران خروس گهر ڀاتين جي غيرموجودگيءَ ۾ گهر اندر اچي هٿيارن جي زور تي لڄالٽ جو نشانو بڻائيندو هو ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ مون کي پيٽ ۾ تڪليف ٿي جنهن کان پوءِ مون ٻار کي جنم ڏنو آهي. ان حوالي سان ناري جي پيءُ بهادر علي وڪو ٻڌايو ته هوٽل مالڪ ڪامران خروس 9 مهينن کان مسلسل بليڪ ميل ڪري منهنجي نياڻي کي لڄالٽ جو نشانو بڻائيندو رهيو، ڪجهه ڏينهن اڳ نياڻي کي پيٽ جي تڪليف ٿي جنهن جون رپورٽون ڪرايون ان ۾ نياڻي جي پيٽ ۾ ٻار جي تصديق ٿي ۽ ويم بعد کيس پٽ ڄائو آهي. هن ٻڌايو ته ڪامران خروس منهنجي نياڻي جي زندگي برباد ڪري مون سان ظلم ڪيو آهي. منهنجي وس وارن کي اپيل آهي ته نياڻي جي زندگي تباهه ڪندڙ هوٽل مالڪ ڪامران خروس کي سخت کان سخت سزا ڏياري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن گرفتاري بعد جوابدار ڪامران خروس لاڪپ ۾  ڳالهائيندي ٻڌايو ته مون مٿان لڄالٽ جو الزام ڪوڙو آهي بيگناهه مون کي ڦاسايو ويو آهي. ان حوالي سان دڙي ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته فريادي بهادر علي وڪو اصل ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ علي خان ٻگهيو جو آهي ۽ سندس ڌيءَ مختلف گهرن جو ڪم ڪار ڪندي هئي، ڪجهه ڏينهن اڳ ناري کي پيٽ ۾ تڪليف ٿي ۽ طبي معائني ۾ ناري کي حمل جي تصديق ٿي ناري جي والد جي فرياد تي اهڙو ڪيس ٿيو جنهن کان پوءِ جوابدار ڪامران خروس کي گرفتار وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.