لاڙڪاڻي ۾ بدامني جي باهه، شهري گهر ڀڄي پاڻ بچايو

0
300
ڪنڌڪو: ڌاڙيل ٽڪر سبزوئي

لاڙڪاڻو(ن پ ا) لاڙڪاڻي ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي، ڦورو شھري کان گھر جي دروازي تان ڦر ڪرڻ لڳا، شھري گھر ڀڄي پاڻ بچايو، سي سي ٽي فوٽيجز وائرل، شهر جي پوش علائقي سچل ڪالوني ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربند ڦورن طرفان شهري جو ڦر جي ارادي سان پيڇو ڪيو، سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته شهري تڪڙي ذهانت جو مظاهرو ڪري پنهنجي گهر اندر داخل ٿي ڦرجڻ کان بچي ويو، لاڙڪاڻو ۾ امن امان جي غير معمولي صورتحال تي واڳ ڌڻين اکيون ٻوٽي ڇڏيون، شهري پوليس تي ڀاڙڻ بجاءِ پنهنجي حفاظت لاءِ پاڻ جوڳا قدم کڻن لڳا.