لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو شاهده پروين عوامي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي ڇاپا هڻي ماپ کان گهٽ پيٽرول وڪڻندڙ مالڪن تي 80 هزار ڏنڊ وجهي کين سختيءَ سان هدايت ڪئي ته مقرر ماپ کي يقيني بڻايو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر شاهده پروين ٻڌايو ته گهٽ ماپ ڏيندڙن پيٽرول پمپن کي سيل ڪري لائسنس ختم ڪيا ويندا.