لاڙڪاڻو(رپورٽ: نادر ابڙو) ايچ آءِ وي ايڊز ۾ مبتلا مريضن کي سهولتون فراهم نه ڪرڻ ۽ انٽرنيشنل ادارن طرفان سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام کي ڏنل مالي ۽ انفراسٽرڪچر امدادي ۾ ٿيل مبينا  گهوٻين تي اقوام متحده ڊولپمينٽ پروگرام طرفان 3 سالن جي عرصي جي جاچ لاءِ يو اين ڊي پي ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر فلپ جي سربراهيءَ ۾ ٽيم 3 ڏينهن جي دوري تي لاڙڪاڻي پهچي وئي، ٽيم طرفان شيخ زيد وومين اسپتال ۽ شيخ زيد چلڊرين اسپتال ۾ قائم ايچ آءِ وي ٽريٽمينٽ سينٽر جو دورو ڪري لاڳاپيل سينٽر انچارجن کان مريضن جي تعداد ۽ مليل سهولتن بابت آگاهي ورتي. جڏهن ته ٽيم اڄ رتوديرو ايڊز ٽريٽمينٽ سينٽر سميت پي پي ايچ آءِ آفيسرن سان به ملاقات ڪندي، ٻئي پاسي ايڊز ۾ مبتلا متاثر خاندانن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت طرفان مريضن جون عام دوائون گذريل ڪيترن ئي مهينن کان بند ڪيون ويون آهن، بلاول ڀٽو زرداري طرفان اعلانيل راشن توڙي اينڊوومينٽ فنڊ تحت مالي مدد به نه پئي ملي، ٻي طرف ڊاڪٽر عمران عارباڻي ٻڌايو ته رتوديرو ۾ متاثر مريضن جون حالتون بهتر ٿيڻ بجاءِ مسئلن ڏانهن وڌي رهيا آهن، ڪيترن ئي مريضن جي خاندانن کي معاشرتي مسئلن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، جنهن ڪري انهن پنهنجا گهر ۽ ڳوٺ ڇڏي ويا آهن. هوڏانهن لاڙڪاڻي ۾ ايچ آءِ وي سينٽر تي مريضن جو تعداد 5 کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته 60 کان وڌيڪ ٻارڙن سميت ڪيترائي ماڻهو ايڊز وگهي فوت ٿي چڪا آهن، پر3 سال گذرڻ جي باوجود سنڌ حڪومت طرفان اعلانيل رليف تي عمل نه ٿيڻ جي ڪري ايڊز جا متاثر اڄ به حڪومتي امداد جي اوسيئڙي ۾ آهن.