لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ اين پي آءِ ڊبليو آن فارم واٽر مينيجمنٽ جي ننڍن ڪچن ملازمن پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ممتاز پنهور، صالح شاهه، سجاد جتوئي، احسان ٽوٽاڻي ۽ ٻين چيو ته گذريل 17 ورهين کان زراعت کاتي جي اين پي آءِ ڊبليو آن فارم واٽر مئنيجمينٽ ۾ ڪچي ملازم طور ڊيوٽي ڪري رهيا آهيون، پر افسوس جو اسان کي هميشه نظرانداز ڪيو ٿو وڃي ۽ اڃا تائين پڪو ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته نيون ڀرتيون ڪرڻ لاءِ انٽرويو ورتا پيا وڃن، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ملازمن کي پڪو ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي.