نئون ديرو(رپورٽ: نورمحمد سومرو)  نئون ديرو هائوس ۾ پ پ ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر ايم پي اي فريال ٽالپر جي سربراهيءَ ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿي گذريو. اجلاس ۾ اندرئين ڪهاڻي سامهون اچي وئي. ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ايم پي اي فريال ٽالپر ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو سميت ضلعي جي آفيسرن کان ناراضگي ۽ مقامي پارٽي اڳواڻن کان مايوسي جو اظهار ڪيو. لاڙڪاڻي شهر جي گهٽين مان گندو پاڻي نيڪال نه ڪرڻ تي پبلڪ هيلٿ جي ايڪسيئن کي برطرف ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ايم پي اي فريال ٽالپر صوبائي وزير سيد ناصر شاهه تي پڻ ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان ٻن ڏينهن اندر لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي جي علائقن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ جو واعدو ڪيو جنهن ۾ توهان ناڪام ٿي ويا جنهن بعد ايم پي اي فريال ٽالپر هڪ ڀيرو ٻيهر لاڙڪاڻي مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ جي ذميواري توانائي کاتي جي صوبائي وزير امتياز شيخ جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. اهڙو فيصلو ٿيڻ بعد توانائي کاتي جو صوبائي وزير امتياز شيخ لاڙڪاڻي پهچي ڊپٽي ڪمشنر ۽ چيف انجنيئر پبلڪ هيلٿ سان گڏ مختلف علائقن جو دورو ڪندو. شديد برساتن دوران پ پ قيادت لاڙڪاڻي جي چونڊيل نمائندن بدران امتياز شيخ کي لاڙڪاڻي جو فوڪل پرسن مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ان کان اڳ مڪيش چاولا کي فوڪل پرسن بڻائي لاڙڪاڻي پهچڻ جو حڪم ڪيو ويو پر هو ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود به لاڙڪاڻي نه پهچي سگهيو جنهن ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر سيد ناصر حسين شاهه بدران امتياز شيخ کي لاڙڪاڻي جو فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي.