لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ )لاڙڪاڻي  جي لهر ڪالوني ۾ اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سيف الله لهر جو نوجوان پٽ نزاڪت لهر جنريٽر جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب بي هوش ٿي ويو، جنهن کي  چانڊڪا اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. وارثن صحافين کي ٻڌايو ته واقعو اتفاقي آهي، نزاڪت لهر اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سيف الله لهر جو پٽ آهي، جيڪو شادي شده هو ۽ کيس ٻن ٻارن جي اولاد آهي. نوجوان لهر ڪالوني ۾ فوٽو اسٽيٽ مشين جو دڪان هلائڻ سان گڏوگڏ لا جو شاگرد پڻ هو. هوڏانهن ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.