لاڙڪاڻو ( رپورٽ: نادر ابڙو ) لاڙڪاڻي ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪري ڀرتي ٿيل نوان استاد به گوسڙو نڪتا، ڊائريڪٽر پرائمري اسڪول لاڙڪاڻو 4 استادن کي برطرف ڪري ڇڏيو، جن ۾ بوائز پرائمري اسڪول محمد خان ڪلهوڙو ۾ مقرر استاد ثناءَ الله، بوائز پرائمري اسڪول ۾ مقرر ظهيرالدين بابر، بوائز پرائمري اسڪول يار محمد عارباڻي ۾ مقرر علي ياسر ۽ بوائز پرائمري اسڪول ڏاتو خان چانڊيو ۾ مقرر استاد محمد ياسين شيخ شامل آهن، جن جي برطرفي جا آرڊر پڻ جاري ڪيا ويا آهن. ان حوالي سان ڊائريڪٽر اسڪول گلشير سومرو ٻڌايو ته 6 مهينا اڳ جوائننگ ڪندڙ استاد هڪ ڏينهن به ڊيوٽي تي ناهن آيا، چيف مانيٽرنگ آفيسر ياسر سولنگي جي رپورٽ تي استادن کي نوڪرين تان برطرف ڪيو آهي.هن چيو ته لاڙڪاڻي ڊويزن مان وڌيڪ گوسڙو ۽ ڊيوٽين تان غائب استادن جي جاچ پڙتال جاري آهي ۽ جيڪڏهن انهن خلاف به ڪي ثبوت مليا ته انهن کي به نوڪرين تان برطرف ڪيو ويندو.