لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي صحت کاتي جي ملازمن 11 هين ڏينهن به ٽوڪن هڙتال جاري رکندي چئني سرڪاري اسپتالن جي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري صوبائي ڪنوينر ڊاڪٽر محبوب نوناري جي اڳواڻي ۾ سول اسپتال کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ لاڙڪاڻو ڊويزن جي پنجن ئي ضلعن جي ملازمن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي گرينڊ هيلٿ الائنس جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبرن محمد اسماعيل جسڪاڻي، محمد شريف پالاري، اسد ﷲ سامٽيو، عبدالغفار رند، نظير احمد جتوئي، ڊاڪٽر فيضان ميمڻ، ڊاڪٽر صدام حسين، ڊاڪٽر ڪليم کوسو، ڊاڪٽر فهيم خشڪ، ڊاڪٽر لعل ملڪ، زبير منگي ۽ ٻين چيو ته اسين مسلسل هيلٿ رسڪ الائونس، پروفيشنل الائونس، ٽائيم اسڪيل، سروس اسٽرڪچر ۽ ٻين جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ پرامن احتجاج ڪري رهيا آهيون نتيجي ۾ ٻه مهينا اڳ ڪراچي ۾ ڌرڻي دوران پوليس پرامن ڌرڻي مٿان لاٺي چارج ڪري گرفتاريون ڪرڻ بعد ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا، جنهن معاملي جو پي پي پي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري نوٽيس وٺندي ڳالهين لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي، جنهن ڪاميٽي ڳالهيون ڪري مسئلا حل نه ڪري سگهي، ان لاءِ اسان ٻيهر روڊن تي نڪري آيا آهيون. هنن مطالبو ڪيو ته ملازمن جا جائز مطالبا منظور ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ 23 جنوري تي ٿيندڙ پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪري سخت لاعمل جو اعلان ڪيو ويندو، جنهن جي ذميوار سنڌ حڪومت هوندي.