لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي حيدري ٿاڻي جي حد مان چار ڏينهن اڳ عبدالقيوم چنا کان موٽر سائيڪل  ڦر ٿي هئي، جنهن جو ڪيس سندس فرياد تي وقار ماڇي سميت ٻن اڻڄاتل جوابدارن مٿان داخل ڪرايو هو، وقار ماڇي کي پوليس گرفتار ڪيو، جاچ دوران جوابدار ڏوھ جو اعتراف ڪيو، جوابدار حيدري پوليس سان گڏجي بقاپور روڊ تي قائم مال جي واڙي مان موٽر سائيڪل رڪور ڪرائڻ لاءِ پهتا جتي گرفتار جوابدار وقار ماڇي جي ساٿين پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني. ان موقعي تي حيدري پوليس جو چوڻ ھو ته جوابدار جي نشاندهي تي ڇاپو هنيو سين جنهن جي نتيجي ۾ گرفتار جوابدار  وقار ماڇي زخمي ٿي پيو جوابدار فرار ٿي ويا آھن زخمي کي پوليس کڻائي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو اهڙي مقابلي جو ڪيس دڙي ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ۾ ٽن جوابدارن اظھر ابڙو شعيب ابڙو  هڪ اڻڄاتل جوابدار مٿان داخل ڪيو ويو آھي فائرنگ ڪندڙ جوابدارن جي سڃاڻپ زخمي جوابدار ڪئي.