لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ميروخان جي ڳوٺ بهرام جي رهواسي پي پي ايچ آءِ ملازم غلام نبي بروهي لاڙڪاڻي ۾پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 5 سال کان پي پي ايچ آءِ ۾ ڊيٽا پروسيسنگ اسسٽنٽ طور ملازم آهيان، ٻوڏ سبب 3 ڏينهن ڊيوٽي تي نه وڃي سگهيس،ايڊمن ڊسٽرڪٽ آفيس سڪندر راٺڙ ۽ ايم او ايچ ڪيو ڊاڪٽر عبدالرزاق راهوجو کي آگاهه ڪيو. ڊسٽرڪٽ مئنيجر اقرا ڀٽي 27 آگسٽ تي ڪراچي هيڊ آفيس رليو ڪري ڇڏيو، معافي نامو لکي ڏنو. ٻئي طرف پي پي ايڇ آءِ ڊسٽرڪٽ مئنيجر اقرا ڀٽي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته لڳايل الزام بي بنياد آھن، غلام نبي بروهي ڪيترائي ڀيرا غير حاضر رهيو آھي، ان خلاف مٿين آفيسرن ڪاروائي ڪري رليو ڪيو آھي.