لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) لاڙڪاڻي جي جناح باغ چوڪ وٽ موبائل چوري جي شڪ ۾ 15 ورهين جي نينگر تي پوليس  اهلڪارن مبينا تشدد ڪري ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا، اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، وڊيو ۾ نينگر پنهنجو نالو فرحان ٿيٻو ٻڌائي چئي رهيو آهي ته مان پرنٽنگ پريس تي مزدوري ڪندو آهيان، جناح باغ چوڪ تي سبيل پيئڻ آيو هيس ته گشتي پوليس مون مٿان موبائل چوري جو ڪوڙو الزام لڳائي سخت تشدد ڪري ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا آهن جيڪا سراسر ناانصافي آهي. هن ايس ايس پي سرفرار نواز شيخ کان گهر ڪئي ته گشتي موبائيل پوليس خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن پوليس جو چوڻ هو ته شهري جي موبائيل فون نڪري وئي هئي جنهن تي نينگر کان موبائيل جو پڇا ڪئي تشدد وارو الزام بي بنياد آهي.