لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي سول لائين ٿاڻي اندر اهلڪارن طرفان تحويل ۾ ورتل شخص کي تشدد جو نشانو بڻائڻ واري وڊيو وائرل ٿيڻ جي خبر ٽائيم نيوز تي نشر ٿيڻ کانپوءِ ايس ايس پي  سختي سان نوٽيس وٺندي اي ايس آءِ ضياءَ الدين ڪلهوڙو، ڪانسٽيبل ڇٽل ڦل ۽ غازي خان چاچڙ کي معطل ڪندي کين لائين حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏيندي اي ايس پي ميان علي رضا کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان ايس پي جو چوڻ ھو ته پوليس کاتي کي بدنام ڪندڙ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن اهڙي معاملي بابت پوليس ذريعن کان ڄاڻ ملي آهي ته حراست ۾ ورتل شخص ميهر کيمٽيو آھي، جنهن کي ڊي ايس پي سول لائين جا گارڊ مينهن چوري جي الزام هيٺ گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو. ان حوالي سان ڊي ايس پي سول لائن رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ميهر کيمٽيو عبدالقادر عباسي جي مال جي واڙي تي گوالو هو جنهن جي درخواست ڏني هئي ته ميهر کيمٽيو مينهن چورائي هئي اهڙي درخواست بعد کيس حراست ۾ ورتو هو.