لاڙڪاڻو/ رتوديرو (نمائندن وٽان)  لاڙڪاڻي جي وليد ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري موٽرسائيڪل سوار رتيديري واسي اي ايس آءِ غلام اڪبر سيانچ ۽ سندس پٽ رياض کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، پوليس زخمين کي کڻائي چانڊڪا اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽرن اي ايس آءِ غلام  اڪبر سيانچ فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. وليد پوليس موجب واقعي بابت ڪجهه به ٻڌائڻ وقت کان اڳ هوندو، في الحال واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن پوسٽ مارٽم بعد  لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ڄاڻ ملي آهي ته واقعو پيار پرڻي تان پيش آيو،  ڀٽي برادري جي ناري وحيدان ڌيءُ صحبت ڀٽي گھران نڪري مقتول پوليس اهلڪار جي پٽ سرفراز سيانچ سان ڪورٽ ذريعي نڪاح ڪيو هو. جڏهن ته ڀٽي برادري جي ماڻهن واقعي بعد مقتول جو گھر ڊاهي پڻ پٽ ڪري ڇڏيو هو اهڙي واقعي بعد مقتول رتوديرو مان لڏي لاڙڪاڻو شهر ۾ پنهنجي رهائش اختيار ڪئي هئي جتي گذريل ڏينهن نامعلوم هٿيار بندن کيس فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته مقتول جو لاش رتوديرو جي محلي موٽڻ پور ۾ سندس جي گھر آندو ويو لاش پهچڻ تي سندس جي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو جتي مقتول جو تڏو پڻ وڇايو ويو آهي. ان سلسلي ۾ مقتول جي ڀاءُ منظور سيانچ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شاهنواز ، صحبت ۽ غلام حسين ڀٽي سميت 6 جوابدارن منهنجي ڀاءُ کي شهيد ڪيو آهي. هن چيو ته ڪورٽ ذريعي ڇوڪري ۽ ناري جو مسئلو حل ٿيل هو هاءِ ڪورٽ ۾ ڇوڪريءَ پاڻ شادي ڪرڻ جي قبولداري ڪئي هئي ڀٽي برداري جي ماڻهن جو اسان مٿان زور هو ته ڇوڪرو سرفراز اسان کي ڏيو پر اسان کين ڇوڪرو ڏيڻ کان جواب ڏنو هو.