لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي وليد ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو شاگرد آڪاش  پٽ ممتاز ڀٽي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارث اسپتال کڻائي آيا،وارثن ٻڌايو ته نوجوان پنهنجي سئوٽ مدثر ڀٽي سان گڏجي شهر کان واپس گهر آيو ته موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري کيس زخمي ڪيو. پوليس موجب واقعي جي جاچ مختلف طريقن سان ڪئي پئي وڃي، جلد حقيقتون سامهون اچي وينديون.