لاڙڪاڻو(رپورٽ نادر ابڙو)لاڙڪاڻي جي صديقي ڪالوني ۾ مسجد مان نينگر شيراز پٽ لطف جمالي جو هٿ ۽ پير ٻڌل ۽ تشدد ٿيل لاش هٿ اچڻ واو مامرو: پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.لطف جمالي ٻڌايو ته پوليس واقعي بعد مسجد جي چاٻي رکندڙ ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي،پرس ذريعي پٽ جي سڃاڻپ ڪئي، جتي کيس سِرن هيٺيان پوريو ويو هو،لاش ٻاچڪي ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ان دوران پاڙيوارن به رڙيون ٻڌيون.پوليس دلاسا ڏئي رهي آهي، پٽ کي بيدرديءَ سان قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي، پوليس موجب واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون ۽ ٽن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي في الحال پوسٽ مارٽم رپورٽ جو انتظار آهي ۽ واقعي ۾ ڪير به ملوث نڪتو ان خلاف وارثن جي مرضيءَ موجب ڪيس داخل ڪيو ويندو.