لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻي ضلعي ۾ طوفاني برساتن جي تباهه ڪارين بابت پنهنجي تازي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چيو آهي ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ طوفاني برساتن جي ڪري اڄ تائين مختلف واقعن ۽ گھر ڪرڻ سبب 41 ماڻهو فوت، 2 لک 26 هزار 980 گهر تباهه ٿيڻ سان گڏ 12 لک 17 هزار 428 ماڻهو ۽ هڪ لک 81 هزار 583 خاندان متاثر ٿيا آهن جن مان 10 لک 71 هزار 333 ماڻهو بي گھر آهن. جڏهن ته هڪ لک 46 هزار 95 ماڻهو رليف ڪئمپن ۾ ترسيل آهن. لاڙڪاڻي تعلقي ۾ 3 عورتن ۽ 2 ٻارن سميت 10، رتوديرو تعلقي ۾ 13 مرد، ڏوڪري تعلقي ۾ 4 عورتن ۽ هڪ ٻار سميت 8 ۽ باقراڻي تعلقي ۾ 2 عورتن ۽ 3 ٻارن سميت 10 ماڻهو فوت ٿيا. اهڙي طرح ضلعي اندر مجموعي طور تي 9 عورتن ۽ 6 ٻارن سميت 41 ماڻهو فوت ٿيا. جڏهن ته مختلف هنڌن تي 7194 ماڻهو زخمي ٿي پيا. لاڙڪاڻي تعلقي ۾ 807 عورتن، 965 مردن ۽ 1131 ٻارن سميت 2903، رتوديرو تعلقي ۾ 517 مرد، 387 عورتن ۽ 781 ٻارن سميت 1685، ڏوڪري تعلقي ۾ 469 مرد، 387 عورتن ۽ 662 ٻارن سميت 1518 ماڻهو ۽ باقراڻي تعلقي ۾ 316 مرد، 319 عورتن ۽ 453 ٻارن سميت 1088 ماڻهو زخمي ٿيا. ان کان علاوه ضلعي اندر مجموعي طور تي 2 لک 26 هزار 980 گھر تباهه ٿيا. لاڙڪاڻي تعلقي ۾ 63261 گھر جزوي، 29453 گھر مڪمل تباهه ٿيا تي مجموعي طور تي 92714 گھرن کي نقصان پهتو. رتوديرو تعلقي ۾ 34509 گھر جزوي ۽ 22063 گھر مڪمل تباهه ٿيا ۽ مجموعي طور 56572 گھرن کي نقصان پهتو. ڏوڪري تعلقي ۾ به 39165 گھرن کي نقصان پهتو جن مان 23422 گھرن کي جزوي نقصان ٿيو، جڏهن ته 15743 گھر مڪمل طور تباهه ٿي ويا ۽ مجموعي طور تي 39165 گھر متاثر ٿيا. باقراڻي تعلقي ۾ 23278 گھرن کي جزوي نقصان پهتو جن مان 15251 گھر مڪمل تباهه ٿيا ۽ 38529 گھر متاثر ٿيا جتي مجموعي طور تي 226980 متاثر ٿيل گھرن مان 82510 مڪمل تباهه ٿي ويا ۽ 144470 گھرن کي جزوي نقصان پهتو. لاڙڪاڻي تعلقي جي مجموعي 588168 آبادي ۽ 74171 خاندان متاثر ٿيا. رتوديرو تعلقي ۾ 265933 ماڻهو ۽ 45257 خاندان متاثر ٿيا. ڏوڪري تعلقي ۾ 179967 ماڻهو ۽ 31332 خاندان متاثر ٿيا. جڏهن ته باقراڻي تعلقي ۾ 183360 ماڻهو ۽ 30823 خاندان متاثر ٿيا. هن چيو ته لاڙڪاڻي تعلقي ۾ 187483 مرد، 198197 عورتن ۽ 149987 ٻارن سميت 535667 ماڻهو بي گھر ٿيا آهن. رتوديرو تعلقي ۾ 67494 مرد 71351 عورتن ۽ 53995 ٻارن سميت 192840 ماڻهو بي گھر ٿيا. ڏوڪري تعلقي ۾ 63744 مرد، 67387 عورتن ۽ 50995 ٻارن سميت 182126 ماڻهو بي گھر ٿيا. باقراڻي تعلقي ۾ مجموعي طور 160700 بي گھر ٿيا آهن جن ۾ 56245 مرد 59459 عورتون ۽ 44996 ٻار شامل آهن. اهڙي طرح مجموعي طور تي 374966 مرد، 396394 عورتون ۽ 299973 ٻار بي گھر ٿيا جن جو مجموعي تعداد 1071333 آهي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته لاڙڪاڻي تعلقي ۾ 187483 مردن، 198197 عورتن ۽ 149987 ٻارن سميت ڪل 535667 ماڻهو رليف ڪئمپن ۾ ترسيل آهن، رتوديرو تعلقي ۾ 67494 مرد، 71351 عورتون ۽ 53995 ٻارن سميت 192840 ماڻهو ڪئمپن ۾ آهن. ڏوڪري تعلقي ۾ 63744 مردن، 67387 عورتن ۽ 50995 ٻارن سميت 182126 ماڻهو ڪئمپن ۾ آهن. باقراڻي تعلقي ۾ 56245 مرد، 59459 عورتن ۽ 44996 ٻارن سميت 160700 ماڻهو ڪئمپن ۾ ترسيل آهن. اهڙي طرح لاڙڪاڻي ضلعي اندر مجموعي طور تي 374966 مرد، 396394 عورتون ۽ 299973 ٻار ڪئمپن ۾ آهن، جيڪو مجموعي تعداد 1071333 آهي. برساتن دوران چوپايو مال پڻ متاثر ٿيو آهي. لاڙڪاڻي تعلقي ۾ ڳئون ۽ مينهن جو تعداد 89، رڍن ۽ ٻئي مال جو تعداد 105 ٽوٽل 194 ڍور مري ويا. رتوديرو تعلقي ۾ ڳئون ۽ مينهن جو تعداد 65، رڍن ۽ ٻڪرين جو تعداد 233 ٽوٽل تعداد 298، ڏوڪري تعلقي ۾ ڳئون ۽ مينهن جو تعداد 87، رڍن ۽ ٻئي مال جو تعداد 315 ٽوٽل 402 ۽ باقراڻي تعلقي ۾ ڳئون مينهن جو تعداد 76، رڍن، ٻڪرين ۽ ٻئي مال جو تعداد 291 ٽوٽل 367 ڍور مري ويا. هن چيو ته لاڙڪاڻي ضلعي اندر فصلن کي به 100 سيڪڙو نقصان پهتو آهي. لاڙڪاڻي تعلقي اندر 53218 ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿيو. رتوديرو تعلقي ۾ 44662 ايڪڙ، ڏوڪري تعلقي ۾ 29189 ايڪڙ ۽ باقراڻي تعلقي 30254 ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿيا. لاڙڪاڻي تعلقي جون 33، رتوديرو جون 12، ڏوڪري جون 11 ۽ باقراڻي جون 12 يوسيز متاثر ٿيون جن جو مجموعي تعداد 68 آهي جن مان اڃا ڪنهن کي به آفت سٽيل قرار نه ڏنو ويو آهي اڃا تائين ڪو به چيڪ نه مليو آهي ۽ نه ئي ڪو چيڪ ورهايو ويو آهي.