لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) ايس ايس پي لاڙڪاڻو سرفراز نواز جي هدايتن تي محرم الحرام جي حوالي سان ڪانٽيجنسي پلان تيار، ڪيو ويوآهي .لاڙڪاڻي ضلعي اندر يوم عاشور جي حوالي سان ڪانٽيجنسي پلان تحت 179 ماتمي جلوسن ۽ 181 مجلسن جي سيڪيورٽي انتظامن لاءِ 3300 پوليس اهلڪار ۽ عورت اهلڪار به شامل آهن.جاري ڪيل ڪانٽينجنسي پلان موجب 16 حساس مجلسون ۽ ماتمي جلوسن سميت 09 انتهائي حساس مجلسن ۽ ماتمي جلوسن تي رينجرز سان گڏ اهلڪار ۽ جوان به پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا.محرم الحرام دوران ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس هيڊڪوارٽر  اندر اينٽي ٽيررازم/رزرو پلٽون پڻ تيار رکيون وينديون.سڄي ضلعي ۾ وال چاڪنگ، چڙ ڏياريندڙ تقريرون ۽ هٿيارن جي نمائش تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.پلان تحت سمورا پوليس آفيسر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪنٽرول روم سان رابطي ۾ هوندا ته جيئن انٽيليجنس معلومات گڏ ڪرڻ ۽ شيئر ڪري سگهجي، پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا  مختلف تنظيمن جا رضاڪار به پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا،ان سلسلي ۾ سمورن رضاڪارن کي تربيت ڏني وئي آهي.سمورن اجتماعن، جلوسن ۽ امام بارگاهن ۾ ايندڙن جي باڊي سرچ ۽ جامع تلاشي کي يقيني بڻايو ويندو.محرم الحرام دوران پوليس گشت وڌايو ويندو، پوليس پڪٽس وڌائيندي، شڪي هنڌن ۽ علائقن ۾ سرچ ۽ ڪومبنگ آپريشن ڪيو ويندو.ان کان علاوه واڪ ٿرو گيٽس، ميٽل ڊيڪٽرز،وڊيو رڪارڊنگ سي سي ٽي وي ڪيمرائن، بم ڊسپوزل اسڪواڊ ٽريفڪ معاملن سميت سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.ايس ايس پي لاڙڪاڻوسرفراز نواز سمورن ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز کي هدايتون جاري ڪيون ته ضلعي انتظاميا، امام بارگاهن جي منتظمين، امن ڪميٽي جي ميمبرن، عالمن ۽ مذهبي شخصيتن سان گڏيل سهڪار کي يقيني بڻايو وڃي.ان سلسلي ۾ سمورا پوليس آفيسر ۽ جوان جاري ڪيل حڪمن تي پوري ذميواري سان عمل ڪندا. ڪنهن به قسم جي لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي.