لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي گلشن عامر ڪالوني جي رهواسڻ فوزيه ڪلهوڙو پنهنجي پيرسن امڙ زبيده خاتون، ڌيئرن افسا، اقصيٰ ۽ پٽ علي ذامن سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي احتجاج ڪندي چيو ته 20 سال اڳ مير حسن ڪلهوڙو سان شادي ٿي جنهن مان چئن ٻارن ٻن پٽن ۽ ٻن نياڻين جي اولاد آهي، جڏهن ته مڙس هن وقت ڏهرڪي ۾ سينئر سول جج مقرر ٿيل آهي. هن الزام لڳايو ته مڙس مير حسن ڪلهوڙو ٻارڙن سان گڏ مارڪٽ ڪري گهران ڪڍي ٻي شادي ڪري ڇڏي آهي،

گهر جي خرچ سميت ٻارڙن جي سار سنڀال ۽ تعليم لاءِ لاڙڪاڻي جي فيملي ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي، جتي مڙس پيش ٿي ٺاھ ڪندي گهر وٺي ويو.عورت جو چوڻ هو ته سهري محمد مٺل ڪلهوڙو، ڏيرن صدام ڪلهوڙو، ڪريم داد، شمس الدين، عبدالجبار، عبداللطيف ڪلهوڙو  گهر ۾ داخل ٿي 10 تولا سون ۽ موبائل کڻي گهران ڪڍيو، سچل ٿاڻي تي دانهن کڻي ويس، پوليس وومين ٿاڻي تي وڃڻ جو چيو، وومين ٿاڻي تي به اسان جي ايف آءِ آر داخل نه ڪئي وئي،

مجبور ٿي ٻارڙن سان گڏ والدين جي گهر رهان ٿي، هن وڌيڪ الزام لڳايو ته مڙس مير حسن ڪلهوڙو سچل ۽ شهيد الاهي بخش سيال ٿاڻن تي منهنجي والد قمرالدين ڪلهوڙو، ڀاءُ رحمت علي، فرمان ڪلهوڙو ۽ ٻين مٿان جهيڙي جا ٻه الڳ الڳ ڪيس داخل ڪرايا، جن ڪيسن جي آڙ ۾ پوليس ڀاءُ رحمت علي ڪلهوڙو کي گرفتار ڪري وئي آهي. نوٽيس وٺي ڪيس ختم ڪرائڻ سان گڏ پنهنجو حق ڏياري انصاف ڪيو وڃي.