لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ)لاڙڪاڻي جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد جناح باغ چوڪ وٽ هوٽل تي چانهه پچائيندڙ وحيد الله پٺاڻ پير شير روڊ واري علائقي جي رهواسي نينگر غلام مصطفيٰ راجپوت کي مٿي ۾ چاقو هڻي رتورت ڪري ڇڏيو، جنهن کي ٻين مزدورن چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو. شهرين چانهه پچائيندڙ همراهه کي مارڪٽ پڻ ڪئي، پوليس پهچي جوابدار کي هجوم کان بچائي مارڪيٽ ٿاڻي تي کڻي وئي. زخمي پورهيت نينگر جي دوست رحيم بروهي ميڊيا کي ٻڌايو ته غلام مصطفيٰ راجپوت سان ويلڊنگ جي دڪان تي ڪم ڪندو آهيان، غلام مصطفيٰ هوٽل تي چانھن پچائيندڙ پٺاڻ کان خالي ڪپ گهريو، ته هن کيس مٿي ۾ چاڪو هڻي رتورت ڪري ڇڏيو، پوليس موجب وحيد الله پٺاڻ کي گرفتار ڪري ورتو آهي، متاثر ڌر آئي ته ڪيس داخل ڪبو، واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون.