لاڙڪاڻو ( رپورٽ: نادر ابڙو ) لاڙڪاڻي ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار پاران سنڌ سان درد جو رشتو جي عنوان هيٺ ايڪتا ڏهاڙو عيد جيان ملهايو ويو.جناح باغ چوڪ تي مُک ثقافتي تقريب ۾ شاعر ۽ اديب عبدالقادر جاگيراڻي ۽ صفدر سنڌي ڪمپيئرنگ ڪئي.شاگردياڻي عليشا قريشي “سنڌ جي ثقافت” جي عنوان تي تقرير ڪرڻ سان گڏ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي وائي ۽ شاعري ٻڌائي، راڳي سڄڻ مائري، راجا سمون، شيراز عباسي، سچل منگي، عاشق مگسي، زاهد علي چانڊيو، جهوني راڳي وزير علي خيراڻي ۽ ٻين فنڪارن پنهنجي فن جو  مظاهرو ڪري پنهنجي سريلي آواز ۾ “اجرڪ ويڙهي ڪلهن تي سنڌي ٽوپي پائي سٻاجهڙا او سنڌي توکي سلام آهي”، “اجرڪ ٽوپي پائڻ وارا توکي لک مبارڪ هن سهڻي سنڌ ۾ رهڻ وارا توکي لک مبارڪ”، “الي منهجا ماروئڙا او منهجا سانگهياڙا”، “هي سنڌ جي جيڪا ڌرتي آ ان ڌرتي سان مون کي پيار آ”، “جيئو جيئو سنڌ وارا جيئو پيارا ماڻهو سنڌ وارا جيئو”، “هن جن هن جنم لاءِ وچن ٿو ڪريان مان جتي به هجان سنڌ تنهنجو هجان”، “سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن ٽوپي اجرڪ وارا جيئن”، “مان سينڌ سنڌوءَ جي سجائيندم، تنهجو جيجل کير ملهائيندم”، “سنڌي بهادر اڙٻنگ جوڌا شير سائين”، “لايون نڀايون اها ريت اسان جي، ڪوڏي ڪنڌ ڪپايون اها ريت اسان جي”، “اچو ته پنهنجي سنڌ سجايون قومي ڏهاڙو گڏجي ملهايون”، “نه ٿو جي سنڌ لاءِ لڙي نه ٿو جو سنڌ لاءِ وڙهي ان کي چئو هي ڌرتي ڇڏي وڃي”، “سنڌڙي تي سِر ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير معيار او يار”، “سِر بچي نه بچي پر سنڌ بچائينداسي ڌاريا ڀڄائينداسي”، “هو جمالو سميت سنڌي قومي گيت ۽ ڀٽائي جون وايون پيش ڪري برسات سٽيل ٻوڏ متاثرن سميت مختلف شهرن کان آيل ماڻهن کي جهومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. جڏهن ته فنڪارن جو ساٿ سچل ميوزيڪل بينڊ جي نعيم سمون، انوپ ڪمار ۽ ٻين ڏنو. تقريب ۾ الشهباز ڊانس گروپ ۾ شامل نوجوانن قومي گيتن تي جمهريون هڻي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ٻئي طرف مختلف قومپرست، سياسي سماجي تنظيمن طرفان ڌارا ڌار ريليون ڪڍيون ويون.هوڏانهن ثقافتي ايڪتا ڏهاڙي تي سڄي لاڙڪاڻي شهر کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو ۽ نوجوانن موٽرسائيڪلن توڙي ڪار گاڏين کي سنڌي اجرڪن سان سينگاري شهر جي مختلف روڊن رستن جو گشت ڪندا رهيا اهڙي طرح سڄو لاڙڪاڻو شهر سڄو ڏينهن جيئي سنڌ جي نعرن سان گوجندو رهيو.هوڏانهن سورٺ ثقافتي سنگت طرفان ثقافتي شين جو نمائشي اسٽال لڳايو ويو جتي سورٺ ثقافتي جي سرواڻ جميل گاد ۽ سندس ساٿين شهرين کي تاريخي ماڳن مان هٿ آيل مسجمن، آثار قديمه جي نشانين موهن جو دڙو جي اسٽوپا، ڪنگ پريسٽ، سمبارا گرل سميت ثقافتي شين ڪهاڙي، ڏاٽو، ڇڄ، ڏڌ جي چاڏي ۽ ٻين ثقافتي شين بابت ڄاڻ ڏني. اسٽال ۾ ناليوارن شخصيتن شاھ عبداللطيف ڀٽائي، شهيد هوش محمد شيدي، راجا ڏاهر، ننڍي کنڊ جي ڏاهي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جا مسجما، تصويرون ۽ هالا شهر جون ثقافتي سوکڙيون خريداريءَ لاءِ رکيل هيون جتي وڏي انگ ۾ شهرين پهچي خريداري پڻ ڪئي. ٻئي پاسي ثقافتي ايڪتا ڏهاڙي تي جناح باغ چوڪ تي شڪارپور واسي اجرڪ ٽوپي جي واپارين بدرالدين ۽ بشير احمد طرفان سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي جو اسٽال لڳايو ويو جتي شهرين سنڌي اجرڪ ٽوپيون، ڀرت ڀريل واسڪوٽي، سنڌي اجرڪ وارا ماڪس ۽ هٿ جي هنر جون ٻيون شيون خريد ڪندي نظر آيا.هوڏانهن سنڌي پورھيت سنگت پاران برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي، سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي لاءِ شھر جي اتاترڪ ٽاور کان لاڙڪاڻو – خيرپور سنڌو درياءَ جي پل تائين پرامن ريلي ڪڍي وئي. درياءَ تي حاضري بعد سنڌ ۾ ڌارين جي آباد ڪاري برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي سِري هيٺ مذاڪرو ڪوٺايو ويو.