لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ )لاڙڪاڻي ۾بلڊنگ کاتي جي رٽائرڊ ملازم شمس الدين کوکر، ذيشان، ڪامران، رضوان سان گڏجي احتجاج ڪندي چيو ته منهنجي مائتي ڀاءُ خانداني ملڪيت تي قبضو ڪيو آهي، اهڙيون شڪايتون پوليس جي بالا آفيسرن کي  ڪري چڪو آهيان پر ڪو تدارڪ نٿو ڪيو وڃي، ڀاءُ کان مليڪت واپس ڏياري وڃي.