لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي رولو ڪتن جو آزار، وڌيڪ 18 ڄڻا ڏاڙھي زخمي

0
294
سنڌ جا ماڻهو ڪتن جي وات

لاڙڪاڻو : (ن پ ا) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو، وڌيڪ 18 ڄڻن کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ 8 ورهين جو علي رضا، 30 ورهين جي زاهده خاتون، 60 ورهين جو نياز، 10 ورهين جو مطهر سميت ٻين کي رولو ڪتن ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو، جن کي وارثن کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ قائم اي آر وي سينٽر تي آندو جتي کين ويڪسين ڪئي وئي.