لاڙڪاڻو/ خيرپور (نمائندا) لاڙڪاڻي ۽ خيرپور ۾ هاڪي ليگ جو افتتاح ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ خيرپور جي  ڊسٽرڪٽ  ھاڪي ايسوسيئيشن طرفان بخت علي ڏھوٽ ھاڪي اسٽيڊيم  لقمان ۾ فائيو سائيڊ ھاڪي ليگ جو افتتاح سماجي اڳواڻ ۽ جنرل ڪائونسلر سليم ڦلپوٽو بال کي ھٽ ھڻي ڪيو. افتتاحي ميچ خيرپور لائنز ۽ خيرپور واريئرز وچ ۾ ٿي جيڪا سنخت مقابلي کان پو خيرپور واريئرز 4-5 تان کٽي ورتي. ٻي ميچ خيرپور مارخور ۽ خيرپور يونائيٽيڊ وچ ۾ ٿي جيڪا خيرپور مارخور 4-3 تان کٽي ورتي. مھمان خاص سليم احمد ڦلپوٽو هو، هوڏانهن  لاڙڪاڻوڊسٽرڪٽ هاڪي ايسوسيئيشن طرفان استاد غلام ياسين اعواڻ هاڪي چئمپين شپ کهڙا اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ ٿي، جنهن جو افتتاح چئمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز لاڙڪاڻو جي صدر احمد علي شيخ ۽ چئمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي سيڪريٽري نثار الله شيخ ڪيو. بعد ۾ پهرين مقابلي وولف ٽيم ايگل ٽيم 5.3 گولن تان شڪست ڏني. چئمپين شپ جو ڊائريڪٽر شفقت حسين مڪاني ۽ ٻيا موجود هئا.