لاڙڪاڻو/ باقراڻي (نمائندن وٽان) ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ وڪڙو جي رهواسي خالد سولنگي کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف وارثن لاڙڪاڻي ۽ باقراڻي ۾ ڌار ڌار احتجاج ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ پيرسن نظام الدين سولنگي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته باقراڻي پوليس پٽ خالد سولنگي کي دڪان تان کنڀي گم ڪيو آهي. هن چيو ته پٽ جي باقراڻي سميت مختلف ٿاڻن تي ڳولا ڪئي پر ڪٿي به سندس ڏس پتو نه پئجي سگهيو. هوڏانهن باقراڻي ۾ پيرسن والد نظام الدين سولنگي، امڙ حاڪم زادي ، گهر واري اربيلي، نياڻي بختاور، باک ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته باقراڻي پوليس اهو چئي پٽ کي پٽ کي وٺي وئي ته اين سي داخل آهي، جاچ لاءِ کڻي وڃي رهيا آهيون.وارثن وڌيڪ چيو ته اسان جو نوجوان نه ڏوهاري آهي نه مٿس ڪنهن ٿاڻي تي اين سي داخل آهي نه وري ڪنهن تنظيم سان سندس واسطو  آهي ، هڪ پورهيت آهي ، جيڪو ڳوٺ ۾ دڪان هلائي پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ گذر ڪندو آهي. باقراڻي پوليس خالد سولنگي جي گرفتاري بابت لاعلمي ظاهر ڪندي چيو ته اهڙي معاملي جي ڪا به خبر ناهي نه وري خالد سولنگي نالي شخص خلاف باقراڻي ٿاڻي تي ڪا اين سي داخل آهي.