لاڙڪاڻو ( رپورٽ نادر ابڙو ) لاڙڪاڻو ڊويزن جي  ضلعن ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، شڪار پور، قمبر شهدادڪوٽ ۾ مليريا، چمڙي، پيٽ جو سور، کنگهه ۽ گيسٽرو سميت ٻيون دوائون اڻ لڀ ٿي ويون. 100 وارو سيرپ 180 رپيا بليڪ تي ملڻ لڳو، ٽيبلٽ جا 50 وارا پتا 150 کان وڌيڪ مهانگي اگهه تي وڪرو ٿيڻ لڳا، مريضن جون حياتيون داءَ تي لڳل آهن، اٽو 120 رپيا في  وڪامڻ لڳو، منظور شيخ، نظر محمد مڱريو، اياز حسين جعفري، نياز حسين ابڙو اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ذخيرو ڪندڙ واپارين خلاف ڪارروائي ڪري ٻوڏ متاثرن کي رليف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي طرف ڊي ايڇ او اطھر شاهه ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو جو چوڻ هو ته ميڊيڪل اسٽور يا ميڊيڪوز يا عام واهپي جون شيون ذخيرو ڪندڙن تي ڪاروائيون ڪري عوام کي رليف فراهم ڪيو ويندو