لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي اوٺا چوڪ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ ڳوٺ جهتيال جو رهواسي 7 ٻارن جو  پيءُ اڌڙوٽ غلام عمر ماڇي سندس دوست گلزار سنديلو، ٻئي موٽرسائيڪل تي سوار الهه آباد واسي نوجوان ارسلان مغيري سندس ٻه دوست علي جان ۽ فراز ککراڻي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ڀرپاسي جي ماڻهن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو، پورهيت غلام عمر ماڇي زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو، ان موقعي تي وارثن ٻڌايو ته غلام عمر ماڇي پنهنجي دوست گلزار سنديلو سان گڏجي اوٺا چوڪ تي چانهه پيئڻ لاءِ ويل هو. ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي پورهيت غلام عمر ماڇي هٽي ڀرسان جهتيالن جي ڳوٺ جو رهواسي هو جيڪو مکڻ وڪرو ڪرڻ سان گڏ جڳهن جو اڏاوتي ڪم ڪندو هو کيس 7 ٻارن جي اولاد پڻ آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي گهر روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.