لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان لاشاري ٿاڻي جي حد انڊس هاءِ وي روڊ ڀرسان هٿياربند ڦورن موٽرسائيڪل سوار تعلقي رتوديرو ڳوٺ خيرو ديرو واسي ٻن پورهيتن عبدالرزاق لاشاري ۽ آصف علي ڪنگو کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي کانئن ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جتي مزاحمت تي هٿياربندن کين ڪهاڙين جا وار ڪري گوليون هڻي مرڻينگ ڪرڻ بعد موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا اطلاع تي موٽر وي پوليس پهچي حد جي ٿاڻي جي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس پهچي ٻنهي زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي کين طبي امداد ڏني وئي. زخمين جي وارثن مطالبو ڪيو ته ڦر واري واقعي ۾ ملوث ڦورن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين زخمي پورهيتن جو علاج پڻ هلندڙ هو.