لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي حد ڦل لاڙي وٽ باقراڻي ٿاڻي تي ڊيوٽي لاءِ ويندڙ پير شير واسي 6 ٻارن جو پيءُ اڌڙوٽ پوليس هيڊ ڪانسٽيبل ولي محمد جتوئي تيز رفتار ٽريڪٽر هيٺيان اچي چيڀاٽجي ٿڏي تي فوت ٿي ويو، لاش اسپتال آندو ويو. پوليس موجب ولي محمد پنهنجي ڳوٺ پير شير کان موٽر سائيڪل تي باقراڻي ٿاڻي تي ڊيوٽي تي وڃي رھيو ھو ته ڦل لاڙي وٽ هو تيز رفتار ٽريڪٽر هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿيو آهي.ٻئي طرف اسپتال انتظاميا ضروري ڪارروائي بعد هيدڪانسٽيبل جو لاش وارثن حوالي ڪيو، لاش گهر پهچڻ تي گھر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.