لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ خدا ڏنو ڀٽو ۾ ڀٽا ذات جي ٻن ڌرين ۾ ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ ۾3 سڳا ڀائر 18 ورهين جو گلاب، 22 ورهين جو خالد ۽ 35 ورهين جو محمد عرس ولد همٿ ڀٽو مرڻينگ ٿي پيا، جن کي وارث چانڊڪا اسپتال کڻائي آيا، گلاب ڀٽو جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.  ان موقعي تي زبير ڀٽو ٻڌايو ته اسان جي گهرن ڀرسان ڳوٺ سائين رکيو ڀٽو ۾ڪاڄ ۾ ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، امداد ڀٽو، امير ڀٽو، آفاق ڀٽو، علي حيدر ڀٽو  حملو ڪري گلاب ڀٽو کي گولي هڻي زخمي ڪيو، ان جا ڀائر خالد ۽ محمد عرس پهتا ته کين ڏنڊا ۽ ڪنداق هڻي زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا،  پوليس ڪا به ڪاروائي ناهي ڪئي.