لاڙڪاڻو/ڳيريلو (نمائندن وٽان) لاڙڪاڻي ڀرسان رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ميانداد ککراڻي ۾ گهرو اڻبڻت تان جوابدار وسيم ککراڻي فائرنگ ڪري پنهنجي گهر واري 25 سالن جي نورجهان ککراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. ان ڏس ۾ مقتول عورت جي ڀاءُ سجاد ککراڻي ٻڌايو ته گهر ۾ ڪو به مرد موجود نه هو، زال مڙس گڏ ويٺل هئا، جنهن دوران ڪنهن گهريلو ڳالھه تان مڇرجي وسيم زال تي پسٽل جا فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي علائقي ۾ چوٻول آهن ته جوابدار پنهنجي گهر واري کي ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل ٿي نه سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.