لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي يوسي ڪوٺي ڪلهوڙي جي ڳوٺ خان محمد چانڊيو ۾ 12 مهينن جي ٻارڙي ردا ڌيءَ بدرالدين چانڊيو فوت ٿي وئي، جنهن جو لاش وارثن پاڻي مان اڪاري وڏي مشڪلاتن سان قبرستان کڻي دفنائي ڇڏيو اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ باوجود لاڳاپيل اختيارين معاملي جو نوٽيس نه ورتو.بدر الدين چانڊيو، الطاف، فريد چانڊيو جوچوڻ هو ته لاڙڪاڻي جي نااهل انتظاميا برساتي پاڻي نيڪال ناهي ڪرائي سگهي،منهنجي 12 مهينن جي ابهم ڌيءَ فوت ٿي وئي، جنهن جو لاش  پاڻي مان وڏي مشڪل سان قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته دانهون ڪرڻ باوجود ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿو ڪرايو وڃي.پاڻي نيڪال ڪرائي ڳوٺاڻن جون زندگيون بچايون وڃن.