لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شھر جي سول لائن ٿاڻي تي  حراست ۾ ورتل شخص ٿان تشدد واري وڊيو وائرل ٿي وئي، ان ڏس ۾  شھر جي سول لائن ٿاڻي جي پوليس جو حراست ۾ ورتل شخص مٿان مبينا تشدد واري  ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پوليس اهلڪار حراست ۾ ورتل شخص مٿان سري عام تشدد ڪري رهيا آهن،  جڏهن ته حراست ۾ ورتل شخص اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪندي نظر اچي رهيو آھي، اهڙي  تشدد واري ويڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ شھرين  پاران مطالبو ڪيو ويو آهي ته مامري جي جاچ ڪرائي وڃي، ٻي طرف  سول لائن پوليس سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نه ٿي سگهيو.