لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پوليس  ڪارروائيون ڪندي 7 جوابدارن کي گرفتار ڪري منشيات، چوري ٿيل موبائيل فون ۽ سامان هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب  سجاد بروهي کي اڌ ڪلو چرس، بابر کجڙ کي چرس، روپوش جوابدار وحيد ابڙو، شاهد چانڊيو کي ڀنگ، وحيد ڀٽو، زڪريه ملگاڻي ۽ وقار کهاوڙ کي گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان هٿ ڪيو.