لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ويجهو گهرو اڻبڻت تان نوجوان پاران پاڻ کي گولي هڻي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل. خبر موجب قمبر جي ڳوٺ راونتي واسي 20 ورهين جي آصف علي چانڊيو گهرو اڻبڻت تان مبينا طور پاڻ تي پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال آندو ويو، جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. نوجوان جي وارثن صحافين کي ٻڌايو ته آصف علي چانڊيو پنهنجي ڀاءُ سان ڪاوڙجي گھر اندر پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.