لاڙڪاڻي ويجهو مغيري برادري ۾ جھيڙو ـ 2 ڄڻا مارجي ويا

0
228
سنڌ پنجاب بارڊر

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻو قمبر روڊ تي نورنگ واھ ڀرسان ھٿياربندن ٻن ڄڻن مٿان انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ ڳوٺ الله ڏنو مغيري جا رھواسي  عبدالقادر مغيري ۽ قربان مغيري قتل ٿي ويا.

هٿياربند  جي فائرنگ ۾ مارجي ويلن جا لاش چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ آندا ويا جتي سندن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. پوليس موجب في الحال مسئلي جي خبر ناھي ـ

مارجي ويلن جا وارث اچن پيا پوسٽ مارٽم لاء سول اسپتال قمبر لاش موڪليا آهن.