ملير(رپورٽر) ملير ۾ لاڙڪاڻو واسي نوجوان جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ، جوابدار گرفتار، ان ڏس ۾ ملير جي علائقي پپري جي الله بخش حمائتي ڳوٺ جي گهر مان لاڙڪاڻي واسي نوجوان صغير احمد پٽ غلام شبير بگٽي جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ آيو ، ان سلسلي ۾ مقتول صغير جي سهري غلام نبي بگٽي صحافين کي ٻڌايو ته آئون ٻارن جي دانهن تي گهر پهتس، بجلي بند هئڻ ڪري اونداهه هئي،  روشني ڪرڻ تي ڏٺم ته منهنجي ناٺي صغير احمد جي ڳچي ۾ رسو پيل هو، جڏهن ته   سندس ڳلو ڪپيل لاش هو، بن قاسم پوليس پهچي گهر جي تلاشي وٺي واش روم ۾ لڪل ظفر عرف راجا بگٽي کي گرفتار ڪري ورتو، پڇا ڳڇا ڪرڻ تي جوابدار قتل جو اعتراف ڪندي ٻڌايو ته مون صغير احمد کي ذاتي دشمني تان قتل ڪيو آهي پوليس ڪيس داخل ڪيو آهي