ملير ( رپورٽر) ملير جي علائقي  ڀينس ڪالوني جي ليبر اسڪوائر جي پراڻي فليٽ مان لاڙڪاڻي واسي نوجوان 20 ورهين جي عبداللطيف پٽ عاشق علي جو ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو،   پوليس لاش  پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو، رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او سکن ٻڌايو ته ابتدائي جاچ موجب خودڪشي جو واقعو لڳي رهيو آھي