لاڙڪاڻي واسي شاهنواز ڏاهاڻي پي ايس ايل 6 جو نمبر ون بالر بڻجي ويو

0
621

ڪراچي(رپورٽ: صدام ڪولاچي) پاڪستان سپر ليگ جي ڇهين ايڊيشن ۾ ملتان سلطانز جي نمائندگي ڪندڙ لاڙڪاڻي واسي نوجوان فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي ٽورنامينٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالر بڻجي ويو آهي. لاهور قلندرز خلاف 4 وڪيٽن جي شاندار ڪارڪردگي ذريعي مين آف دي ميچ بڻجندڙ شاهنواز ڏاهاڻي پي ايس ايل 6 ۾ هيل تائين 18 وڪيٽون وٺي چڪو آهي. شاهنواز ڏهاڻي کان اڳ لاهور قلندرز جي شاهين آفريدي 16 وڪيٽون وٺي سڀني کان اڳڀرو هو، پر هاڻ شاهنواز ڏهاڻي پي ايس ايل 6 ۾ نمبر ون بالر بڻجي ويو آهي.شاهنواز ڏهاڻي جو چوڻ آهي ته بهترين بالنگ ذريعي سنڌ ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪندو رهندس