ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي بلديه جي يار محمد ڳوٺ ۾ فارم هائوس ۾ لاڙڪاڻي واسي سميت 2 ڄڻا ڪهاڙيون ۽ گوليون هڻي قتل، اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيا. پوليس موجب مقتولن جي سڃاڻپ لعل بخش ولد احمد بخش جتوئي ۽ هوشيار علي ولد لطف علي ابڙو طور ٿي. پوليس موجب هوشياري علي ابڙو لاڙڪاڻي جو رهواسي هو، جيڪو چوڪيدار لعل بخش وٽ مهمان ٿي آيل هو، جوابدارن هوشيار علي ابڙو کي ذاتي دشمني تان ڪهاڙيون هڻي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته هٿياربند چوڪيدار لعل بخش کي به گوليون هڻي قتل ڪري ويا، واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن